Matthew 7:6 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪي پاڪ آهي سو ڪتن کي نہ ڏيو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن جي اڳيان اُڇلائي وجهو، تہ متان هو اُنهن کي پنهنجن پيرن هيٺ لتاڙين ۽ ڦري اچي اوهان کي ڏارين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پاڪ شيون ڪتن ڏانھن نہ اڇلايو ۽ موتي سوئرن اڳيان ڦٽا نہ ڪريو. اھي تہ رڳو انھن کي لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوھان کي ڏاڙھيندا.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اوهين پوِتر شيون ڪتن اڳيان نہ اڇلايو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن اڳيان ڦٽا ڪريو. اهي تہ انهن کي رڳو لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوهان کي چيري ڦاڙي وجھندا.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهين پاڪ شيون ڪتن اڳيان نہ اڇلايو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن اڳيان ڦٽا ڪريو. اهي تہ انهن کي رڳو لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوهان کي چيري ڦاڙي وجھندا.“