Matthew 8:10 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جڏهن يسوع هي ٻڌو تڏهن عجب لڳس، ۽ جيڪي پٺيان ٿي آيس تن کي چيائين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هيڏو ايمان مون ڪونہ ڏٺو آهي، بلڪ اسرائيل ۾ بہ نہ.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ اھو ٻڌي ھن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي سندس پٺيان آيا پئي تن کي چوڻ لڳو تہ ”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ مون کي ھن جھڙو ايمان بني اسرائيل ۾ ڪنھن ۾ بہ نظر نہ آيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع اهو ٻڌي هن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻهو سندس پٺيان پئي آيا تن کي چوڻ لڳو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن جهڙو وشواس مون کي بني اسرائيل قوم جي ڪنهن بہ شخص ۾ نظر نہ آيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ اهو ٻڌي هن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻهو سندس پٺيان پئي آيا تن کي چوڻ لڳو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن جهڙو ايمان مون کي بني اسرائيل قوم جي ڪنهن بہ شخص ۾ نظر نہ آيو.