Matthew 8:13 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پوءِ يسوع صوبيدار کي چيو تہ تون هليو وڃ؛ جيئن تو ايمان آندو آهي، تيئن ئي تو سان ٿئي. ۽ اهو نوڪر اُنهيءَ گهڙيءَ ۾ ڇٽي چڱو ڀلو ٿي پيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ عيسيٰ فوجي صوبيدار کي چيو تہ ”گھر وڃ، جيئن تون يقين ڪرين ٿو تيئن ئي تو لاءِ ڪيو ويندو.“ تڏھن انھيءَ گھڙيءَ ئي صوبيدار جو نوڪر چڱو ڀلو ٿي پيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ يسوع فوجي صوبيدار کي چيو تہ ”گھر وڃ، جيئن تون وشواس ڪرين ٿو تيئن ئي تو لاءِ ڪيو ويندو.“ تڏهن انهيءَ گھڙيءَ ئي صوبيدار جو نوڪر چڱو ڀلو ٿي پيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ عيسيٰ فوجي صوبيدار کي چيو تہ ”گھر وڃ، جيئن تون يقين ڪرين ٿو تيئن ئي تو لاءِ ڪيو ويندو.“ تڏهن انهيءَ گھڙيءَ ئي صوبيدار جو نوڪر چڱو ڀلو ٿي پيو.