Matthew 8:17 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
انهي لاءِ تہ جيڪي يسعياهہ نبيءَ چيو هو سو پورو ٿئي، تہ ”هن پاڻ اسان جون هيڻايون کنيون، ۽ اسان جون بيماريون سَٺيون.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھن اھو ڪم ڪري يسعياہ نبيءَ جي ان قول کي سچو ثابت ڪري ڏيکاريو تہ ”ھن پاڻ اسان جون بيماريون ورتيون ۽ اسان جا مرض پنھنجي سر تي کنيا.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هن اهي ڪم ڪري سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي چيل وچن کي پورو ڪري ڏيکاريو تہ ”هن پاڻ اسان جون بيماريون ورتيون، هائو، اسان جا سڀ مرض پنهنجي سر تي کنيا.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن اهي ڪم ڪري يسعياہ نبيءَ جي چيل قول کي پورو ڪري ڏيکاريو تہ ”هن پاڻ اسان جون بيماريون ورتيون، هائو، اسان جا سڀ مرض پنهنجي سر تي کنيا.“