Matthew 8:2 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ڏسو، هڪڙو ڪوڙهيو وٽس آيو ۽ کيس سجدو ڪري چوڻ لڳو، تہ اي خداوند، جي تنهنجي مرضي هجي تہ تون مون کي ڇُٽائي پاڪ صاف ڪري ٿو سگهين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ايتري ۾ ھڪڙو ڪوڙھہ جھڙي مرض وارو عيسيٰ وٽ آيو، جنھن کيس سجدو ڪري چيو تہ ”اي سائين! جيڪڏھن اوھين چاھيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ايتري ۾ هڪڙو ڪوڙهہ جهڙي مرض وارو ماڻهو يسوع وٽ آيو، جنهن سندس اڳيان سيس نوائي چيس تہ ”اي سوامي! جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پوِتر ڪري سگھو ٿا.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ايتري ۾ هڪڙو ڪوڙهہ جهڙي مرض وارو ماڻهو عيسيٰ وٽ آيو، جنهن کيس سجدو ڪري چيس تہ ”اي سائين! جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“