Matthew 9:14 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهن کانپوءِ يوحنا جا شاگرد وٽس آيا ۽ چيائونس تہ اسين ۽ فريسي اڪثر روزا ٿا رکون، پر تنهنجا شاگرد روزا نٿا رکن سو ڇو؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ عيسيٰ وٽ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جا شاگرد آيا ۽ چيائونس تہ ”اسين ۽ فريسي تہ اڪثر روزا رکون ٿا، پر اوھان جا شاگرد روزا ڇو نہ ٿا رکن؟“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ يسوع وٽ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جا چيلا آيا ۽ چيائونس تہ ”اسين ۽ فريسي تہ اڪثر وِرت رکون ٿا، پر اوهان جا چيلا وِرت ڇو نہ ٿا رکن؟“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ عيسيٰ وٽ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جا شاگرد آيا ۽ چيائونس تہ ”اسين ۽ فريسي تہ اڪثر روزا رکون ٿا، پر اوهان جا شاگرد روزا ڇو نہ ٿا رکن؟“