Matthew 9:18 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اڃا هن اُنهن سان هي ڳالهيون پئي ڪيون، تہ ڏسو، هڪڙي سردار اچي کيس سجدو ڪري چيو، تہ منهنجي ڌيءَ اِجهو هينئر مئي آهي، پر تون اچي هن تي پنهنجو هٿ رک تہ هوءَ بچي پوي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن عيسيٰ انھن کي ھي چئي رھيو ھو تڏھن يھودين جي مقامي عبادتخاني جو ھڪڙو اڳواڻ وٽس آيو ۽ سجدو ڪري چيائين تہ ”ھينئر ئي منھنجي ڌيءَ مُئي آھي، پر اوھين ھلي ھٿ لائيندوس تہ ھوءَ جيئري ٿي پوندي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن يسوع انهن کي هي چئي رهيو هو تڏهن يهودين جي ڀڳتيءَ واري مقامي جاءِ جو هڪڙو اڳواڻ وٽس آيو ۽ سيس نوائي چيائينس تہ ”هينئر ئي منهنجي ڌيءَ مُئي آهي، پر اوهين هلي هٿ لائيندؤس تہ هوءَ جيوت ٿي پوندي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن عيسيٰ انهن کي هي چئي رهيو هو تڏهن يهودين جي مقامي عبادتخاني جو هڪڙو اڳواڻ وٽس آيو ۽ سجدو ڪري چيائينس تہ ”هينئر ئي منهنجي ڌيءَ مُئي آهي، پر اوهين هلي هٿ لائيندؤس تہ هوءَ جيئري ٿي پوندي.“