Micah 1:10 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
جات ۾ انهي جي خبر نہ ڏيو، بلڪل نہ روئو، بيت عفرہ ۾ آءٌ مٽيءَ ۾ ليٽيو آهيان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي يهوداہ وارؤ! اوهين جات شهر وارن اسان جي دشمنن کي پنهنجي ملڪ تي اچڻ واري مصيبت بابت نہ ٻڌايو، اهي اوهان کي روئندي پٽيندي نہ ڏسن. تنهن هوندي بہ اوهين پنهنجي مصيبت جو اظهار اهڙيءَ طرح ڪندا جهڙا اوهان جي ڳوٺن جا نالا آهن، جهڙوڪ: اي بيتافرہ وارؤ! اوهين مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائيندا.