Micah 2:4 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهيءَ ڏينهن هو تنهنجي برخلاف هڪڙو مثال کڻندا، ۽ مرثيو کڻي ماتم ڪندا، ۽ چوندا تہ اسين بلڪل لُٽجي ويا آهيون: هو منهنجي قوم جو حصو ٿو ڦيرائي، ۽ اهو ڪيئن نہ مون کان پري کڻي ٿو وڃي. هو اسان جون ٻنيون فسادين کي ورهائي ڏئي ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن اهو وقت ايندو، تڏهن ماڻهو اوهان جي آيل آفت تي ٺٺوليون ڪندي اوهان جي پاران هي دردناڪ مرثيو ڳائيندي چوندا تہ ’افسوس! اسين امير برباد ٿي وياسين، اسين بلڪل لٽجي وياسين. خداوند اسان جو ملڪ اسان کان کسي ورتو آهي. هائو، هن اسان جون ٻنيون اسان تي قبضو ڪندڙن کي ورهائي ڏنيون آهن.‘“