Micah 3:5 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيڪي نبي منهنجي قوم کي گمراهہ ٿا ڪن، تن جي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ لقمو چٻاڙيندي هو سلام ٿا پڪارين، پر جي ڪو سندن وات نٿو ڀري تہ انهن سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿا ٿين:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
نبي سڏائيندڙن کي خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم کي گمراهہ ڪرڻ وارؤ! جيڪي اوهان کي کارائين پيئارين ٿا، تن سان منهنجي طرفان امن وَ سلامتيءَ جو واعدو ٿا ڪريو. پر جيڪي اوهان جو وات نہ ٿا ڀرين، تن کي اوهين منهنجو نالو وٺي آفتن اچڻ جا دڙڪا ٿا ڏيو.