Micah 6:16 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو عمريءَ جا قاعدا، ۽ اخي اب جي گهراڻي جا سڀ ڪم اوهين ڪريو ٿا، ۽ اوهين انهن جي صلاح مصلحتن تي هلو ٿا: انهي لاءِ تہ آءٌ توکي ويران ڪريان، ۽ ان جي رهاڪن کي شوڪار جو باعث بنايان؛ ۽ اوهين منهنجي قوم جي ملامت کڻندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي يروشلم وارؤ! اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيندو، جو اوهان اسرائيل ملڪ جي بادشاهہ عمري ۽ سندس پٽ بادشاهہ اخياب جي گناهن وارن عملن جي پيروي ڪئي آهي. جيئن تہ اوهين انهن جي رستي تي هلندا رهيا آهيو، تنهنڪري هاڻ، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي شهر يروشلم کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندس. پوءِ هر قوم جا ماڻهو اوهان تي ٺٺوليون ڪندا، ۽ اوهين خوار خراب ڪيا ويندا.“