Nahum 2:13 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
خداوند لشڪرن جو خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، ۽ آءٌ تنهنجي گاڏين کي ساڙي دونهون ڪندس، ۽ ترار تنهنجن جوان شينهن کي کائي ويندي؛ ۽ آءٌ تنهنجو شڪار زمين مان وڍي ڇڏيندس، ۽ تنهنجن قاصدن جو آواز وري ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي نينواہ! آءٌ تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ تنهنجيون گھوڙي گاڏيون ساڙي رک ڪري ڇڏيندس ۽ تنهنجا شينهن جهڙا جوان تلوار سان ماري ڇڏيندس. آءٌ تنهنجو ڪيل شڪار تو کان کسيندس. تنهنجي پاران ڌمڪي ڏيندڙن جو آواز اڳتي ٻڌڻ ۾ ئي نہ ايندو.“