Nehemiah 1:11 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
اي خداوند، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان، تہ تون پنهنجي ٻانهي جي دعا ڏانهن، ۽ پنهنجن انهن ٻانهن جي دعا ڏانهن ڌيان سان ڪن ڏي، جي تنهنجي نالي کان ڊڄڻ ڪري خوش ٿين ٿا: ۽ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ اڄوڪي ڏينهن پنهنجي ٻانهي کي فتحياب ڪر، ۽ هن ماڻهوءَ جي اڳيان اُنهيءَ تي رحم ڪر. (هاڻي آءٌ بادشاهہ جو پيالا بردار هوس.)
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري تون پنهنجي هن ٻانهي جي دعا ٻڌ ۽ پنهنجي انهن ٻانهن جي دعا ڏانهن بہ ڪن ڏي، جيڪي تنهنجي نالي جي تعظيم ڪري خوش ٿيندا آهن. مهرباني ڪري هاڻي مون کي ڪامياب ڪر ۽ بادشاهہ جي دل ۾ منهنجي لاءِ رحم وجھہ.“ تن ڏينهن ۾ آءٌ بادشاهہ جو ساقي هئس.