Nehemiah 10:31 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جيڪڏهن هن ملڪ جون قومون، ڪي بہ شيون، يا ڪي بہ طعام، سبت جي ڏينهن وڪڻڻ ايندا، تہ اسين سبت جي ڏينهن يا ٻئي ڪنهن سڳوري ڏينهن اُهي خريد نہ ڪنداسين: ۽ اسين ستون سال، ۽ سڀ قرض جي ڪوشش، ڇڏي ڏينداسين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن آس‌پاس وارين قومن مان ڪي ماڻهو سبت واري ڏينهن يا ڪنهن ٻئي وڏي ڏينهن تي ڪي‌بہ شيون يا اناج وڪڻڻ لاءِ کڻي ايندا تہ اسين کانئن نہ وٺنداسون. هر ستين سال اسين زمين ۾ ڪابہ پوکي نہ ڪنداسون ۽ پنهنجا سمورا قرض معاف ڪري ڇڏينداسون.