Nehemiah 10:33 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
يعني نذر جي مانيءَ لاءِ، ۽ هميشہ جي کاڌي جي قربانيءَ، ۽ هميشہ جي سوختني قربانيءَ لاءِ، سبت جي ڏينهن، ۽ نئين چنڊ تي، مقرر عيدن لاءِ، ۽ پاڪ شين لاءِ، ۽ اسرائيل جو ڪفارو ڪرڻ واسطي گناهہ جي قربانين لاءِ، ۽ اسان جي خدا جي گهر جي هر قسم جي ڪم لاءِ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
نذراني وارن روٽن لاءِ، روزانو اناج جي قربانيءَ لاءِ، روزانو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ، سبت وارن ڏينهن تي قربانين لاءِ، نئين چنڊ وارين عيدن تي قربانين لاءِ، مقرر عيدن تي قربانين لاءِ، بني اسرائيل جي ڪفاري واري قربانيءَ لاءِ، پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻي ڪنهن بہ مخصوص قربانيءَ لاءِ، ۽ پنهنجي خدا جي هيڪل جي هر قسم جي ڪم لاءِ.