Nehemiah 10:34 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اسان يعني ڪاهنن، لاوين، ۽ باقي قوم ڪُڻا وڌا، انهيءَ لاءِ تہ ڪاٺين جي قرباني، سال بسال ٺهرايل وقتن تي پنهنجن ابن جي گهراڻن موجب پنهنجي خدا جي گهر ۾ آڻيون، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي قربانگاهہ تي ساڙيون، جيئن شريعت ۾ لکيل آهي:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اسين سڀيئي ماڻهو، ڪاهنن ۽ لاوين سميت هر سال ڪُڻا وجھنداسون، تہ جيئن اهو طئي ڪريون تہ اسان جي گھراڻن مان ڪنهن کي هيڪل ۾ مقرر وقتن تي قربانين لاءِ ڪاٺيون آڻڻيون آهن تہ جيئن خداوند پنهنجي خدا جي قربانگاهہ تي شريعت جي لکيت مطابق ساڙيون وڃن.