Nehemiah 10:37 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اسين پنهنجي ڳوهيل اٽي جي پهرين مُٺ، پنهنجون کڻڻ واريون قربانيون، ۽ هر قسم جي وڻن جو ميوو، شراب ۽ تيل، ڪاهنن وٽ، پنهنجي خدا جي گهر جي ڪوٺين ۾ آڻينداسين؛ ۽ پنهنجي زمين جي پيدائش جو ڏهون حصو لاوين وٽ آڻينداسين: ڇالاءِ جو اسانجن پوک وارن سڀني شهرن ۾ لاوي ڏهون حصو وٺندا آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ کان سواءِ اسين پنهنجي فصل مان پهرئين اٽي جو ڳوهيل چاڻو، پنهنجي وڻن جو پهريون ميوو ۽ پنهنجي تيار ڪيل پهرين مئي ۽ زيتون مان نڪتل پهريون تيل پنهنجي نذراني طور ڪاهنن وٽ پنهنجي خداوند جي هيڪل جي گدام ۾ رکڻ لاءِ آڻينداسون. اسين پنهنجي زمين جي پيداوار جو ڏهون حصو لاوين وٽ آڻينداسون، ڇاڪاڻ تہ اهي ئي اسان جي پوک وارين ٻنين جي پيداوار جو ڏهون حصو گڏ ڪندا آهن.