Nehemiah 10:39 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو بني اسرائيل، ۽ بني لاوي اَن ۽ شراب، ۽ تيل جي کڻڻ واري قرباني ڪوٺين ۾ آڻيندا، جتي پاڪ مڪان جا باسڻ، ۽ خدمت ڪرڻ وارا ڪاهن، ۽ دربان، ۽ ڳائڻ وارا آهن: ۽ اسين پنهنجي خدا جو گهر ڇڏي نہ ڏينداسين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بني لاوي يا ٻيا بني اسرائيل نذراني طور مليل اناج، مئي ۽ زيتون جي تيل جي پهرين پيداوار کي گدامن ۾ کڻي ايندا، جتي هيڪل جا ٿانوَ رکيل آهن ۽ جتي خدمت ڪرڻ وارا ڪاهن ، دربان ۽ ڳائڻا رهندا آهن. اسين پنهنجي خدا جي هيڪل کي ڇڏي نہ ڏينداسون.“