Nehemiah 12:44 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهيءَ ڏينهن خزاني وارين ڪوٺين تي، کڻڻ وارين قربانين لاءِ، پهرين ڦرن لاءِ، ۽ ڏهاڪيءَ لاءِ، ماڻهو مقرر ڪيا ويا، انهيءَ لاءِ تہ شهرن جي ٻنين موجب، جيڪي حصا شريعت موجب ڪاهنن ۽ لاوين لاءِ مقرر ڪيل هئا، سي انهن ۾ آڻي گڏ ڪن: ڇالاءِ جو يهوداہ ڪاهنن لاءِ، ۽ خدمت ڪندڙ لاوين لاءِ بہ خوشيون ڪيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ ئي ڏينهن چندن لاءِ، پهريتن ڦرن لاءِ ۽ ڏهان حصا گڏ ڪرڻ لاءِ گودامن جا نگران مقرر ڪيا ويا. شهر جي آس‌پاس وارين ٻنين مان انهن کي اهي حصا آڻي گودامن ۾ رکڻا هئا، جيڪي شريعت موجب ڪاهنن ۽ لاوين لاءِ مقرر هئا. ڪاهنن ۽ لاوين جي خدمت واري ڪم کان يهوداہ وارا خوش هئا،