Nehemiah 13:5 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
سندس لاءِ هڪڙي وڏي ڪوٺي تيار ڪئي هئي، جتي اڳي کاڌي جون قربانيون، لوبان ۽ باسڻ ۽ اَن جون ڏهاڪيون، شراب ۽ تيل، جو حڪم موجب لاوين ۽ ڳائڻن ۽ دربانن کي ڏبو هو، ۽ ڪاهنن جي لاءِ کڻڻ جون قربانيون، رکڻ ۾ اينديون هيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن طوبياہ کي رهڻ لاءِ انهن گودامن مان هڪڙي وڏي ڪوٺي ڏني. اها ڪوٺي هيڪل جي سامان رکڻ لاءِ مقرر هئي يعني اناج جون قربانيون ، لوبان ، خدا جي گھر جا ٿانوَ، اَناج، مئي ۽ زيتون جي تيل جا ڏهان حصا، جيڪي مقرر طريقي موجب لاوين ، هيڪل جي ڳائڻن ۽ دربانن کي ڏبا هئا. انهيءَ کان علاوہ اتي ڪاهنن لاءِ گڏ ڪيل چندا پڻ رکيا ويندا هئا.