Nehemiah 3:15 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ حوض واري دروازي جي مرمت سلوم بن ڪل حوزہ ڪئي، جو مصفاہ جي ضلعي جو حاڪم هو؛ انهيءَ اهو جوڙايو ۽ ڍڪيو، ۽ انهيءَ جا طاق، ۽ انهيءَ جون تاڙيون، ۽ انهيءَ جا گز بيهاريائين، ۽ شيلوخ جي ڍنڍ جي ڀت، جا بادشاهہ جي باغ جي ڀرسان آهي، ۽ انهيءَ ڏاڪڻ تائين جا دائود جي شهر کان هيٺ لهي ٿي وڃي سا جوڙيائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
چشمي واري دروازي جي اڏاوت مصفاہ ضلعي جي حاڪم سلوم ولد ڪلحوزہ ڪرائي. هن ان جي مٿان ڇت وجھرائي ۽ انهيءَ ۾ طاق، هڙڪيون ۽ گز بہ وجھرايا. هن بادشاهہ جي باغ کان وٺي ويندي دائود جي شهر واري ڏاڪڻ تائين شيلا جي تلاءَ واري ڀت جي مرمت پڻ ڪرائي.