Nehemiah 4:14 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ آءٌ نهاري نهاري اُٿيس، ۽ اميرن، ۽ حاڪمن، ۽ باقي ٻيءَ خلق کي چيم تہ هنن کان نہ ڊڄو: خداوند کي ياد ڪريو، جو وڏو ۽ هيبت وارو آهي، ۽ پنهنجن ڀائرن، پنهنجن پٽن، ۽ ڌيئرن، ۽ زالن، ۽ پنهنجن گهرن لاءِ وڙهو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مون نظرداري ڪندي ڏٺو تہ ماڻهو پريشان آهن. سو مون اميرن، اڳواڻن ۽ باقي ٻي خلق کي چيو تہ ”دشمنن کان نہ ڊڄو. ڌڻيءَ کي ياد ڪريو جيڪو عظيم ۽ هيبت وارو آهي ۽ پنهنجن ڀائرن، پنهنجن پٽن، پنهنجين ڌيئرن، پنهنجين زالن ۽ پنهنجن گھرن لاءِ وڙهو.“