Nehemiah 5:12 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن هنن چيو، تہ اسين اهي موٽائي ڏينداسين، ۽ هنن کان ڪي بہ ڪين گهرنداسين؛ جيئن تون چئين ٿو، تيئن ئي اسين ڪنداسين. تڏهن مون، ڪاهنن کي سڏيو، ۽ هنن کي اهو قسم کڻايم، تہ هو انهيءَ انجام موجب هلت ڪندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن هنن چيو تہ ”اسين اهي موٽائي ڏينداسين. اسين هنن کان وڌيڪ ڪجھہ بہ نہ گھرنداسين. جيئن تون چوين ٿو تيئن ئي اسين ڪنداسين.“ پوءِ مون ڪاهنن کي گھرايو ۽ اميرن ۽ اڳواڻن کان قسم کڻايم تہ هنن جيڪو واعدو ڪيو آهي سو پورو ڪندا.