Nehemiah 5:13 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ مون پنهنجي جهول بہ ڇنڊي چيو، تہ شل خداوند هن طرح سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي گهر کان، ۽ پنهنجي ڪمائيءَ کان ڇنڊي اُڇلائي ڇڏي، جو هن انجام موجب هلت نہ ڪري؛ شل اهو هن طرح ڇنڊجي خالي ٿي وڃي. ۽ سڄيءَ جماعت چيو تہ آمين، ۽ خداوند جي تعريف ڪيائون. پوءِ ماڻهن انهيءَ انجام موجب هلت ڪئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن مون پنهنجي جھول ڇنڊيندي هيئن چيو تہ ”شل خداوند هن طرح هر انهيءَ ماڻهوءَ کي پنهنجي گھر کان ۽ پنهنجي ملڪيت کان ڇنڊي اڇلائي ڇڏي، جيڪو پنهنجي واعدي تي پورو نہ رهي.“ تنهن تي اتي گڏ ٿيل سڀني ماڻهن ”آمين“ چيو. ان کان پوءِ هو خداوند جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. سو انهن سڀني ماڻهن ائين ئي ڪيو، جيئن واعدو ڪيو هئائون.