Nehemiah 5:14 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن کان سواءِ، جنهن وقت مان يهوداہ جي ملڪ ۾ هنن جو حاڪم مقرر ٿيس، تنهن وقت کان وٺي، يعني ارتخششتا بادشاهہ جي ويهين سال کان وٺي، ٻٽيهين سال تائين، يعني ٻارهن سال، مون ۽ منهنجن ڀائرن، حاڪم جي ماني نہ کاڌي آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ جنهن ڏينهن کان آءٌ يهوداہ علائقي جو گورنر مقرر ڪيو ويس، يعني ارتخششتا شهنشاهہ جي شاهيءَ جي ويهين سال کان ٻٽيهين سال تائين، انهن ٻارهن سالن ۾ مون ۽ منهنجي مٽن مائٽن ڪڏهن بہ سرڪاري ماني ڪين کاڌي.