Nehemiah 8:1 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ سڄي قوم يڪ مُشت ٿي پاڻيءَ واري دروازي جي اڳيان جيڪو ڪشادو ميدان آهي، تنهن ۾ گڏ ٿي؛ ۽ اُنهن عزرا استاد کي چيو تہ موسيٰ جي شريعت جو ڪتاب، جنهن جو خداوند اسرائيل کي حڪم ڏنو هو، سو کڻي اچ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن بني اسرائيل پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آباد ٿي ويا، تڏهن ستين مهيني جي پهرينءَ تاريخ تي سڀ ماڻهو يڪمشت ٿي يروشلم جي پاڻيءَ واري دروازي جي اڳيان کُليل ميدان ۾ اچي گڏ ٿيا. شريعت جي عالم عزرا ڪاهن کي هنن عرض ڪيو تہ هو موسيٰ جي شريعت جو ڪتاب آڻي پڙهي ٻڌائي، جنهن ۾ خداوند بني اسرائيل لاءِ حڪم ڏنا آهن.