Nehemiah 8:9 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ نحمياہ، جو ترشاتا هو، سو ۽ عزرا ڪاهن ۽ اُستاد، ۽ لاوي، جي ماڻهن کي تعليم ڏيندا هئا، تن سڄيءَ قوم کي چيو تہ اڄوڪو ڏينهن خداوند، اوهان جي خدا جي لاءِ پاڪ آهي؛ ڪوبہ ڏک نہ ڪريو، نڪي روئو. ڇالاءِ جو جڏهن ماڻهن شريعت جو ڪلام ٻڌو، تڏهن سڀيئي روئڻ لڳا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
شريعت جون ڳالهيون ٻڌي ماڻهو روئڻ لڳا. تنهن تي نحمياہ گورنر، عزرا ڪاهن ۽ شريعت جي عالمن ۽ لاوين ماڻهن کي سمجھاڻي ڏيندي چيو تہ ”اڄوڪو ڏينهن خداوند ، اوهان جي خدا جي لاءِ مخصوص آهي، سو نہ ڪو ڏک ڪريو ۽ نہ روئو