Nehemiah 9:17 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ انهن جي مڃڻ کان انڪار ڪيائون، ۽ جيڪي عجيب ڪم تو هنن ۾ ڪيا سي هنن ياد نہ ڪيا؛ پر پنهنجي گردن سخت ڪيائون، ۽ باغي ٿي هڪڙو سردار مقرر ڪيائون، تہ موٽي پنهنجي ٻانهپ ۾ وڃي پون: پر تون اهڙو خدا آهين جو بخشڻ لاءِ تيار، ۽ مهربان، ۽ رحم ڀريو، ۽ ڪاوڙ ۾ ڍرو، ۽ گهڻي رحم وارو آهين، ۽ تو هنن کي ڦٽو ڪري ڇڏي نہ ڏنو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هنن تنهنجي هڪ بہ نہ ٻڌي، ۽ جيڪي معجزا تو هنن لاءِ ڪيا هئا، سي سڀ وساري ڇڏيائون. هو ڏاڍا مغرور ٿي ويا، ۽ بغاوت ڪندي پاڻ مان هڪڙو اڳواڻ مقرر ڪيائون، تہ جيئن وري وڃي مصر جي غلاميءَ ۾ پون. پر تون اهڙو خدا آهين جيڪو معاف ڪرڻ لاءِ تيار، مهربان، رحم ڀريو، ڪاوڙ ۾ ڍرو ۽ شفقت سان ڀرپور آهين. انهيءَ ڪري تو هنن کي وساري نہ ڇڏيو.