Nehemiah 9:24 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن انهن جو اولاد ويو ۽ اُهو ملڪ وڃي هٿ ڪيائون، ۽ تو انهن جي اڳيان انهيءَ ملڪ جي رهاڪن کي، يعني ڪنعانين کي، شڪست ڏني، ۽ انهن کي سندن بادشاهن ۽ ملڪ جي ماڻهن سميت هنن جي هٿن ۾ ڏنو، تہ جيئن وڻين تيئن هنن سان ڪن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو هو انهيءَ ملڪ ۾ ويا ۽ وڃي مٿس قبضو ڪيائون. جيڪي ڪنعاني اتي رهندا هئا، تن کي بادشاهن سميت تو هنن جي حوالي ڪري ڇڏيو تہ کين جيئن وڻي تيئن ساڻن سلوڪ ڪن.