Nehemiah 9:25 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هنن قلعن وارا شهر ورتا، ۽ ڀلي زمين، ۽ هر قسم جي شين سان ڀريل گهر، ۽ ٽڪيل حوض، ۽ انگورن ۽ زيتونن جا باغ، ۽ بيشمار ميوي دار وڻ هٿ ڪيائون: انهيءَ طرح هنن کائي ڍءُ ڪيو، ۽ ٿلها متارا ٿيا، ۽ تنهنجيءَ وڏي ڀلائيءَ جي ڪري ڏاڍا سرها ٿيا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هنن قلعن وارن شهرن ۽ زرخيز زمين تي قبضو ڪيو، ۽ هر قسم جي سٺين شين سان ڀريل گھرن، کوٽيل کوهن، انگورن ۽ زيتونن جي باغن، توڙي بي‌شمار ميويدار وڻن تي قبضو ڪيائون. هنن ايترو تہ ڍءَ تي کاڌو پيتو جو ٿلها متارا ٿي پيا، هائو، تنهنجي وڏي ڀلائيءَ جي ڪري خوب مزا ماڻيائون.