Nehemiah 9:28 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر جڏهن هنن کي آرام آيو، تڏهن وري بہ هو تنهنجي اڳيان بڇڙائي ڪرڻ لڳا: تنهنڪري تو هنن کي سندن دشمن جي هٿن ۾ ڇڏي ڏنو، جي مٿن غالب ٿيا: انهيءَ هوندي بہ جڏهن هو موٽيا، ۽ تو وٽ دانهون ڪيائون، تڏهن تو اُهي آسمان مان ٻڌيون؛ ۽ ڪيترائي دفعا تو پنهنجي گهڻي رحم سان هنن کي ڇڏايو؛
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر جيئن ئي هنن کي آرام مليو، تيئن ئي هنن وري بہ اُهي ئي ڪم ڪيا، جيڪي تنهنجي نظر ۾ بُرا هئا. تنهنڪري تو هنن کي سندن دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن مٿن حڪمراني ڪئي. وري جڏهن هنن تو کي ٻاڏايو، تڏهن تو انهن جون دانهون عرش عظيم مان ورنايون. ائين بار بار تو هنن کي پنهنجي وڏيءَ ٻاجھہ سان ڇڏايو.