Nehemiah 9:5 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهن کانپوءِ لاوين، يعني يشوع، ۽ قدمي ايل، باني، حسبنياہ، سربياہ، هودياہ، سبنياہ، ۽ فتحياہ چيو تہ اُٿي بيهو، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي هميشہ کان وٺي هميشہ تائين مبارڪ چئو: تہ شل تنهنجو سڳورو نالو مبارڪ هجي، جو سڀ حمد ۽ تعريف کان اعليٰ آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ لاوين مان يشوع، قدمي‌ايل، باني، حسبنياہ، سريبياہ، هودياہ، سبنياہ ۽ فتحياہ چيو تہ ”اُٿي بيهو ۽ خدواند پنهنجي ابدي خدا جي واکاڻ ڪريو.“ تڏهن بني اسرائيل هيءَ دعا گھري تہ ”اي خداوند! شل تنهنجو عظمت وارو نالو سڳورو هجي، جيڪو هر تعريف ۽ واکاڻ کان اعليٰ آهي.