Numbers 11:10 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ موسيٰ ٻڌو تہ اُمت جي گهراڻن مان سڀڪو پنهنجي تنبوءَ جي در تي بيٺو روئي: ۽ خداوند کي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي؛ ۽ موسيٰ کي بہ اها ڳالهہ نہ وڻي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن موسيٰ هر هڪ گھراڻي جي سڀني ماڻهن کي پنهنجن تنبن جي درن تي روئندي ڏٺو، جنهن سبب خداوند بہ مٿن تمام گھڻو اچي ڪاوڙيو، تڏهن موسيٰ کي سندن اها ڳالهہ بري لڳي.