Numbers 11:16 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ بني اسرائيل جي بزرگن مان ستر ڄڻا، جن کي تون اُمت جا بزرگ ۽ اُنهن جا حاڪم ڄاڻين، تن کي منهنجي لاءِ گڏ ڪر، ۽ کين جماعت واري تنبوءَ ۾ وٺي اچ تہ توسان گڏ بيهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”بني اسرائيل قوم مان اهڙا ستر ڄڻا چونڊي ڪڍ، جن کي تون معزز ۽ مکيہ اڳواڻ طور ڄاڻين ٿو. انهن کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي وٽ وٺي اچ ۽ کين پاڻ سان گڏ بيهار.