Numbers 11:18 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ تون ماڻهن کي چئُہ تہ اوهين سڀاڻي جي لاءِ پاڻ کي پاڪ ڪريو، جو اوهين گوشت کائيندا؛ ڇالاءِ جو اوهان جو روئڻ، خداوند جي ڪنن تائين پهتو آهي: جو چئو ٿا تہ ڪير اسان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو؟ جو مصر ۾ اسان جو حال چڱو هو: تنهنڪري خداوند اوهان کي گوشت ڏيندو، ۽ اوهين کائجو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تون بني اسرائيل جي ماڻهن کي چئُہ تہ هو سڀاڻي جي لاءِ پاڻ کي پاڪ ڪن، کائڻ لاءِ کين گوشت ملندو. جيئن تہ مون خداوند کين ميڪندي ۽ اهو چوندي ٻڌو آهي تہ ’ڪير اسان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو، هتي کان تہ مصر ۾ اسان جو حال چڱو هو.‘ تنهنڪري آءٌ خداوند کين گوشت ڏيندس ۽ هو اهو کائين.