Numbers 11:26 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر انهن مان ٻہ ڄڻا منزلگاهہ ۾ رهجي ويا هئا، جن مان هڪڙي جو نالو الداد هو، ۽ ٻئي جو ميداد هو، ۽ انهن تي بہ روح نازل ٿيو؛ ۽ هي بہ انهن مان هئا جن جا نالا لکيا ويا هئا، پر اهي تنبوءَ ڏانهن ڪونہ ويا هئا: ۽ اهي منزلگاهہ ۾ ئي نبوت ڪرڻ لڳا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مگر جيئن تہ انهن مان ٻہ ڄڻا خيميگاهہ ۾ ئي رهجي ويا هئا، جن مان هڪڙي جو نالو الداد هو ۽ ٻئي جو ميداد هو. انهن جا نالا اڳواڻن جي لسٽ ۾ لکيا ويا هئا پر هو ٻاهر مقدس خيمي ڏانهن ڪونہ آيا هئا. تنهن هوندي بہ روح انهن ۾ آيو ۽ اهي بہ خيميگاهہ ۾ ئي نبين جهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لڳا.