Numbers 11:8 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن وڃي اها گڏ ڪندا هئا، ۽ انهيءَ کي جنڊ ۾ پيهندا هئا، يا اُکرين ۾ ڪُٽيندا هئا، ۽ ديڳڙن ۾ ٿورو ٻاڦي، پوءِ انهيءَ مان مانيون پچائيندا هئا؛ انهيءَ جو سواد تازي تيل جهڙو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
رات جو جڏهن خيميگاهہ تي ماڪ پوندي هئي، تڏهن انهيءَ سان گڏ مَنَ بہ ڪرندي هئي. صبح جو ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن وڃي اها ميڙي گڏ ڪندا هئا، پوءِ انهيءَ کي جنڊ ۾ پيهندا هئا يا اُکرين ۾ ڪُٽيندا هئا. هو انهيءَ کي ديڳڙين ۾ اوٻاري انهيءَ مان مانيون پچائيندا هئا. انهيءَ جو سواد زيتون جي تيل ۾ پچايل مانيءَ جهڙو هو.