Numbers 15:20 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
اوهين پنهنجي پهرين ڳوهيل اٽي مان هڪڙي ماني کڻڻ واري قربانيءَ لاءِ ڏجو، جهڙيءَ طرح ان ڳاهڻ وقت کڻڻ واري قرباني پيش ڪندا آهيو، تهڙيءَ طرح اها بہ مٿي کڻجو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهين پنهنجي پهرئين ڳوهيل اٽي مان پهرين ماني پچائي مون خداوند جي لاءِ نذراني طور پيش ڪجو. نذرانو ائين پيش ڪجو جيئن ڳاهہ جي پِڙ مان اناج وارو نذرانو پيش ڪندا آهيو.