Numbers 18:26 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
لاوين کي هيترو بہ وڌيڪ چئُہ تہ جڏهن اوهين بني اسرائيل کان ڏهون حصو وٺو، جو مون اوهان کي ورثو ڪري ڏنو آهي، تڏهن اوهين خداوند جي لاءِ کڻڻ جي قربانيءَ واسطي، انهيءَ ڏهين حصي جو ڏهون حصو پيش ڪجو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”تون لاوين کي هي بہ چئُہ تہ ’جڏهن اوهين بني اسرائيل کان ڏهون حصو وٺو، جيڪو مون اوهان کي ورثو ڪري ڏنو آهي، تڏهن اوهين مون خداوند جي لاءِ خاص نذراني طور انهيءَ ڏهين حصي جو ڏهون حصو پيش ڪجو.