Numbers 19:13 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ جي لاشي کي ڇهي ٿو ۽ پاڻ کي پاڪ نٿو ڪري، سو خداوند جي خيمي کي ناپاڪ ٿو ڪري؛ اهڙو ماڻهو اسرائيل مان تباهہ ڪيو ويندو: ڇالاءِ جو ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي انهي تي ڇاٽاريو نہ ويو، تنهنڪري اهو ناپاڪ رهندو؛ انهي جي ناپاڪي اڃا بہ انهي جي مٿان آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن ڪو ماڻهوءَ جي لاش کي ڇهي ٿو ۽ پاڻ کي پاڪ نہ ٿو ڪري تہ اهو مون خداوند جي مقدس خيمي کي ناپاڪ ٿو ڪري. اهو ماڻهو بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي ان جي مٿان نہ ڇٽڪاريو ويو آهي، انهيءَ ڪري هو ناپاڪ ئي رهندو.