Numbers 20:17 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ تون اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگهڻ ڏي: اسين ٻنين يا ڊاک جي منهہ مان نہ لنگهنداسين، نڪي اسين کوهن جو پاڻي پيئنداسين: اسين شاهي رستو وٺي هليا وينداسين، ۽ جيستائين اسين تنهنجيءَ سرحد کان ٻاهر وينداسين، تيستائين اسين نڪي ساڄي پاسي ڦرنداسين نڪي کٻي پاسي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو مهرباني ڪري اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگھڻ جي اجازت ڏيو. اسين ٻنيءَ يا انگورن جي باغ مان نہ لنگھنداسين ۽ نہ ئي وري ڪنهن کوهہ مان پاڻي پيئنداسين. اسين شاهي رستو وٺي هليا وينداسين. جيستائين اسين اوهان جي سرحد کان ٻاهر نڪري نہ وڃون تيستائين نڪي ساڄي پاسي ڦرنداسين نہ کاٻي.“