Numbers 21:29 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
اي موآب، توسان ويل آهي! اي ڪموس جي اُمت، تون چٽ ٿي آهين: هن پنهنجا پٽ ڀڄائي ڇڏيا، ۽ پنهنجون ڌيون قيدي ڪري، امورين جي بادشاهہ سيحون کي ڏنيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو اي موآب وارؤ! اوهان سان ڪيڏو نہ ويل آهي! اوهين جيڪي ڪموش ديوتا جا پوڄاري آهيو، سي بلڪل تباهہ وَ برباد ٿي ويا آهيو. اوهان جي معبود اوهان جي پٽن کي ڀاڄوڪڙ، ۽ اوهان جي ڌيئرن کي اسان جي بادشاهہ سيحون جون بانديون بڻجڻ ڏنو آهي.