Numbers 22:5 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هن بعور جي پٽ بلعام ڏانهن فتور ۾ قاصد موڪليا، جو نديءَ جي ڪناري تي سندس قوم جو ملڪ آهي، انهي لاءِ تہ انهي کي هيئن چئي سڏي اچن، تہ ڏس، هڪڙي قوم مصر مان نڪري آئي آهي: هنن زمين جي سطح کي ڍڪي ڇڏيو آهي، ۽ هاڻي منهنجي سامهون اچي منزل ڪئي اٿن:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بعور جي پٽ بلعام کي وٺي اچڻ لاءِ قاصد موڪليا. بلعام فرات نديءَ جي ويجھو پنهنجي وطن جي فتور شهر ۾ رهندو هو. بلق قاصدن کي پيغام ڏنو تہ ”هڪڙي قوم مصر مان نڪري آئي آهي ۽ روءِ‌زمين تي پکڙجي ويئي آهي. هاڻي اها قوم منهنجي سامهون اچي لٿي آهي.