Numbers 26:58 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
انهي کان سواءِ هي بہ لاوين جا گهراڻا آهن، يعني لبنين جو گهراڻو، خبرونين جو گهراڻو، محلين جو گهراڻو، موشين جو گهراڻو، قورحين جو گهراڻو. ۽ قهات مان عمرام پيدا ٿيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ کان سواءِ لاوين جا هي نسل بہ آهن: لبني جو نسل، حبرون جو نسل، محليءَ جو نسل، موشيءَ جو نسل ۽ قورح جو نسل. قهات کي عمرام نالي هڪ پٽ هو.