Numbers 3:41 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ تون بني اسرائيل جي پهريتن پٽن جي بدران، منهنجي لاءِ لاوين جو شمار ڪر (آءٌ خداوند آهيان)؛ ۽ بني اسرائيل جي چوپائي مال جي پهرين ڄاول ٻچن جي بدران، لاوين جي چوپائي مال جو شمار ڪر.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر تون بني اسرائيل جي پهريتن پٽن جي عيوض لاوين کي منهنجي لاءِ مخصوص ڪر. بني اسرائيل جي چوپائي مال جي پهريتن ڦرن جي عيوض لاوين جو چوپايو مال منهنجي لاءِ مخصوص ڪر. آءٌ خداوند آهيان.“