Numbers 30:7 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ سندس مڙس جنهن ڏينهن اهي ٻڌي، انهي ڏينهن ماٺ ۾ رهي ۽ ڪي بہ نہ چويس: تہ هن جون مڃتائون ۽ خاص فرض، جن لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هوندو، سي سڀ قائم رهندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ سندس مڙس انهيءَ باس يا خاص فرض جي باري ۾ ٻڌي، پر ڪجھہ بہ نہ چويس، تہ جا باس باسي هئائين يا جنهن خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ عهد ڪيو هئائين، سو پورو ڪري.