Numbers 31:19 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اوهين ست ڏينهن منزلگاهہ کان ٻاهر رهو: اوهان مان جنهن، ڪنهن ماڻهوءَ کي ماريو هجي، يا جنهن، ڪنهن مئل ماڻهوءَ کي هٿ لاتو هجي، سو پاڻ کي، ۽ پنهنجن قيدين کي، ٽئين ڏينهن ۽ ستين ڏينهن پاڪ ڪري.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهان مان اهي سڀ جن ڪنهن کي ماريو هجي يا ڪنهن لاش کي هٿ لاتو هجي، سي ست ڏينهن خيمي‌گاهہ کان ٻاهر رهن. اهي ٽئين ۽ ستين ڏينهن تي پاڻ کي ۽ قيدياڻين کي پاڪ ڪن.