Numbers 31:23 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ٻي سڀڪا شيءِ، جا باهہ ۾ وجهي سگهجي، تنهن کي اوهين باهہ مان لنگهايو، پوءِ اهي پاڪ ٿينديون؛ انهي هوندي بہ اهي ناپاڪي لاهڻ واري پاڻيءَ سان پاڪ ڪيون وڃن: ۽ جيڪي شيون باهہ ۾ وجهي نٿيون سگهجن، تن سڀني کي اوهين پاڻيءَ مان لنگهائجو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
۽ هر اُها شيءِ جيڪا باهہ ۾ سڙي نہ وڃي، سا باهہ مان لنگھائجي تہ پاڪ ٿي ويندي. تڏهن بہ اها ناپاڪي لاهڻ واري پاڻيءَ سان پڻ ضرور پاڪ ڪئي وڃي. پر هر اُها شيءِ جيڪا باهہ ۾ سڙڻ جهڙي هجي سا رڳو انهيءَ پاڻيءَ سان پاڪ ڪئي وڃي.