Numbers 9:13 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر جيڪو ماڻهو پاڪ هجي، ۽ مسافريءَ ۾ نہ هجي، ۽ پوءِ بہ فسح ڪرڻ کان رهجي وڃي تہ هو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو وڃي؛ ڇالاءِ جو ٺهرايل وقت تي خداوند جي لاءِ قرباني نہ چاڙهڻ ڪري، اهو ماڻهو پنهنجو گناهہ پاڻ تي کڻندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڪ هجي ۽ مسافريءَ ۾ بہ نہ هجي ۽ پوءِ بہ عيد فصح نہ ملهائي تہ اهڙي کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ مقرر ڪيل وقت تي هُن مون خداوند جي لاءِ نذرانو پيش نہ ڪيو آهي. اهو ماڻهو پنهنجي گناهہ جي سزا ڀوڳيندو.