Numbers 9:14 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جيڪڏهن ڪو پرديسي اوهان ۾ اچي رهي، ۽ خداوند جي فسح ۾ شامل ٿيڻ چاهي، تہ هو فسح جي قانون ۽ حڪم موجب هلت ڪري. اوهان جي لاءِ هڪڙو ئي قانون آهي؛ جهڙو پرديسيءَ لاءِ، تهڙو ئي انهي لاءِ جو ملڪ ۾ ڄاول هجي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن ڪو ڌاريو اوهان ۾ رهندو هجي ۽ هو عيد فصح ملهائڻ گھري تہ هو انهيءَ جا سمورا قاعدا قانون بجا آڻي. سڀني جي لاءِ هڪڙو ئي قاعدو آهي، جهڙو بني اسرائيل لاءِ تهڙو ڌارئي لاءِ.‘“